اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قيامت صغريءِ جو منظر آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، متاثرين جي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي، قوم مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي مدد جي لاءِ دل کولي عطيو ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ امداد جي اپيل ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ برساتن جو 30 سال جو رڪارڊ ٽٽڻ سان خاص طور تي ??لوچستان ۽ سنڌ ۾ تب??هي ۽ بربادي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي. سوين پاڪستاني ٻوڏ جي بي رحم موجن جي ور چڙهي پنهنجي پٺيان جدائي جو ڏک ڇڏي ويا آهن. سوين زخمين جي صحتيابي جي دعا ڪريون ٿا. تمام وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر آهن، چوپائي مال، فصلن، باغيچن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. صوبائي حڪومتن?? وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڀرپور تعاون سان اسان سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. مجموعي طور تي 27 ارب رپيا ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڏنا پيا وڃن. مون فوري طور تي 5 ارب رپين جي رقم اين ڊي ايم اي کي جاري ڪرائي آهي ته جيئن ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن ۾ تيزي اچي. هر فوت ٿيندڙ جي خاندان کي 10 لک، زخمين، گهرن جي ڪري پوڻ ۽ ٻين نقصانن تي ??رتلافي کانسواءِ متاثرين کي 25 هزار رپيا روڪ ادائيگي و??ي پئماني تي ??اري آهي جنهن جي لاءِ 80 ارب رپين ک??ن وڌيڪ گهربل آهن. کربين رپين جي نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي. ??هي سمورا قدم اسان جو فرض آهي جنهن کي اسان محنت ۽ ديانتداري جذبي سان سرانجام ڏئي رهيا آهيون. رستا ۽ پليون وهي و??ڻ سان زميني رابطو ڪٽجڻ تي هيليڪاپٽرن کان مدد ورتي پئي و??ي. اهل وطن جي مدد جي ڪوششن دوران پاڪ آرمي جي آڦيسرن شهادت ماڻي قرباني جي عظيم جذبي جو روشن مثال قائم ڪيو آهي. 2005ع جي قيامت خيز زلزلي ۽ 2010ع جي تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ??ه عوام ۽ ادارا مصيبت ۾ ورتل پاڪستانين جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جي اهڙي ئي عظيم جذبي سان دنيا ۾ مثال بڻجي ويا هئا. پوري قوم اڳتي و??ي هٿ ونڊرائي ته اس??ن وڌيڪ تيز رفتار سان متاثرين جي جلد امداد ۽ بحالي ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ايثار ۽ قرباني ۾ اسان جي قوم دنيا ۾ سڀ کان اڳتي ??هي. آئون توهان کي تعاون جي درخواست ڪريان ٿو. آقا ڪريم ﷺ ک??ن وڌيڪ اسان جي لاءِ ڪو مثال نه ٿو ٿي سگهي جن جي محبت ۾ انصار مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جا ڏک ورهايا هئا. ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ قائم فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائين. اچو! مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي انصار مدينه وانگر مدد ڪريون ته جيئن محشر جي مشڪل گهڙيءَ ۾ الله تعاليٰ اسان تي ??حم فرمائي.
متاثرين جي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي، قوم مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي مدد لاءِ دل کولي عطيو ڪري: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی