اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ قدرتي آفتن جي متاثرين کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي قابل تربيت يافته انساني وسيلن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صحت سان لاڳاپيل ادارا ۽ لاڳاپيل ڌري??ن بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز کي ايمرجنسي خدمتن جي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪن، ٺوس تربيت جي فراهمي کانپوءِ بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز جي مدد سان سڄي ملڪ جي متاثرين کي وقت سر شروعاتي طبي امداد فراهم ڪري سگهجي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي ??ينيٽ جي ??جلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته نفسياتي صحت جي ??ارسنڀال جي موجوده سهولتن کي هنگامي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ دماغي مرضن جي ??رح 24 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان شعبي ۾ رڳو 2 هزار ماهر آهن، بدقسمتي سان نفسياتي بيمارين ۾ ورتل ماڻهو تشدد ۽ نامناسب روين جو شڪار ٿين ٿا، نفسياتي مريض انتهائي صورتن ۾ خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا يا پنهنجي پيارن کي زخمي به ڪري ڇڏين ٿا. صدر ا?? ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، علائقي جي ماڻهن کي درپيش ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ، سنگين رويي جي ??صل سبب جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر نظام قائم ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ اٽڪل 7 لک نرسن جي کوٽ آهي، نرسن جي کوٽ سان سرڪاري ۽ نجي ??حت جو شعبو دٻاءُ جو شڪار آهي، پاڪستان کي نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ??ياري جي لاءِ ٻه سالا اعليٰ معيار جي ??ربيتي ڪورسز جي ??روعات ڪرڻ گهرجي. صدر پاڪستان ۾ نفسياتي صحت جي ??ارسنڀال جو بنيادي ڍانچو قائم ڪرڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته انتهائي اهم قومي مسئلي جي ??ل لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ٽن مهينن ۾ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر چيو ته پرائيويٽ هيلٿ ڪيئر ادارا به نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ??ربيت جي لاءِ سهولتون پيدا ڪن، هيلٿ سروسز اڪيڊمي پنهنجي کاتن کي شفاف، تصديق جوڳو ۽ اعتبار جوڳو ??کڻ جي لاءِ هڪ خصوصي نظام ٺاهي، شفاف کاتن جي نظام سان ڊونرز کان امداد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نفسياتي صحت بابت مشاورت جي ??واهشمند ماڻهن جي لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل موبائيل ايپ ۽ ويب تي ٻڌل هيلپ لائين شروع ڪرڻ جي ??خت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مارڪيٽ جي ??لب پوري ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين/ ادارن کي مختلف شعبن ۾ ٻن سالن جا ايسوسيئيٽ ڊگري ڪورسز پڻ پيش ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گريجوئيٽس جي ??نگ ۾ اضافي، نوجوانن جي ??عليمي نظام ۾ بهتر شموليت جي لاءِ يونيورسٽيون آن لائين ۽ هائبرڊ ذريعي تعليم جي مدد سان ڪورسز ڪرائين.
صحت سان لاڳاپيل ادارا ۽ لاڳاپيل ڌريون بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز کي ايمرجنسي خدمتن جي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز