اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري واري وفاقي وزير ۽ ڊپ??ي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ، طبي وسيلن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي ??وجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اين ايف آر سي سي مطابق وفاقي يونٽن کي چيو ويو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي ??رگهور واري عملي جي دستيابي ۽ عملي جو انگ وڌايو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته هو اين فائيو جي بحاليءَ کي يقيني بڻائي ته جيئن سپلاءِ جا رستا کُليل رهن. هن سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو پاڻيءَ هيٺ آيل علائقن ۾ پاڻيءَ جي ??يڪاليءَ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪن. فورم کي ٻُڌايو ويو ته متاثر ضلعن ۾ خوراڪ ۽ ٻين شين جي تمام گهڻي ضرورت آهي، عورتن ۽ ٻارن کي خصوصي غذائي شيون جهڙوڪ کير، ??ناج، عورتن لاءِ اضافي خوراڪ جي اشد ضرورت آهي، جيئن جيئن ٿڌ جي ??وسم شروع ٿي رهي آهي ته هڪ وڏي آباديءَ کي پناهگاهن ۽ خيمن جي ضرورت آهي. فورم زور ڀريو ته حڪومتي وسيلن سان گڏوگڏ عوام ۽ فلاحي تنظيمن جي ??دد ڪئي وڃي ته جيئن آسانيءَ سان رليف ڪيمپن تائين پهچي سگهجي ۽ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن تائين عطيا پهچائي سگهن.
اين ايف آر سي سي اجلاس، ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ، طبي وسيلن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria