اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سکر – حيدرآباد موٽروي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهچي ويو. وز??راعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ مان جا??ي ڪيل بيان مطابق سکر هوائي اڏي تي آبي وسيلن واري وفاقي وز??ر سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه وز??راعظم ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. وز??راعظم پهريان سکر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وز??راعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽر ويز سان گنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وز??راعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل