اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سي??پڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم پاڪستان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تياري سان يو اي اي جي دوري تي وڃي رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود ??هن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزيراعظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سي??پڪارن سان ملاقاتون ڪندو.
يو اي اي سان لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria