ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد سان هتي ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستاني بزنس مين پنهنجي محنت ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻيندي گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت سان سندس ملاقاتون ڪامياب رهيون، سندس هي دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري اميد کان وڌيڪ اعلان ڪيا. وزيراعظم پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد کي پاڪستان ۾ ??ار??بار ۽ سيڙپ??ار?? جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، ريئل اسٽيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل توانائي، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپ??ار?? جا ڀرپور موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپ??ار?? ۽ بزنس مين کي س??ور??ون سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? جي حوالي سان تجويزن سان گڏ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. وفد حڪومتي معاشي پاليسيز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ??ار??بار ۽ سيڙپ??ار?? ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ سر??ار?? آفيسرن شرڪت ڪئي.
يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے