اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ مڊوائف جي ڪردار کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته هن وقت ايل ايڇ ويز جي پهچ 37 سيڪڙو آبادي تائين آه?? ان کي وڌائي عورتن ۾ ويم دوران مُشڪلاتن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي ٿو، تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آه?? ان سان گڏوگڏ ٻين ڌرين کي اڳتي اچي انهن شعبن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آه?? جيڪي تعليم ۽ صحت جي شعبي تي ڌيان ڏين ٿيون. هو راولپنڊي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي جي اسپت??ل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي خاتون اول ثمينه عارف سان گڏ اسپت??ل جو باقاعده افتتاح ڪيو. تقريب ۾ بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ، ايسوسيئيشن جا ميمبر ۽ غيرملڪي سفارتڪار شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ويم دوران موت جي شرح وڌيڪ هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??، دنيا ۾ ويم دوران موت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آه??. هن چيو ته جڏهن معاشرا ۽ معيشت مضبوط ٿي وڃن ته مختلف ذريعن سان صحت تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو ان ۾ هيلٿ انشورنس پڻ شامل آه??. هن چيو ته ان ۾ ته ڪا ٻي راءِ نه ٿي ٿي سگهي ته تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آه?? پر معاشري جي ٻين ڌرين کي به اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهڻ جي ضرورت آه??. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته بهبود ايسوسيئيشن ملڪ گير سطح تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعيلم، صحت، دستڪاري ۽ ثقافت جي ترويج جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آه?? جيڪو ساراهه جوڳو آه??. هن چيو ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي وڏو مقام حاصل آه??، گهر جي اندر ٻارن جي پرورش جي ذميواري به ماءُ تي هوندي آه??، اهو اهم هوندو آه?? ته ايندڙ نسل جي تربيت ڪير ڪري رهيو آه??. هن بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان آگاهي، عورتن کي بااختيار بڻائن، خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان خاتون اول ثمينه عارف ع??وي جي ڪوششن بابت پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته اسان جي قوم جي اندر خير جي ڪم جو جذبو خوبصورتي سان هلي رهيو آه?? ان ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شموليت سان وڌيڪ بهتر نتيجا نڪرندا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۽ احساس پروگرام ذريعي مستحقين جي لاءِ نيوٽريشن پئڪيج بهتر قدم آه??، ان سان ٻارن ۾ غذائي کوٽ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ??ي لاءِ عمل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو تصور ئي نه آه??. هن چيو ته بريسٽ ڪينسر تي موثر آگاهي مهم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آه??، هاڻي عورتون بريسٽ ڪينسر جي پهرين مرحلي ۾ ئي ڊاڪٽرن سان رجوع ڪري رهيون آه??. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته اسان جي تنظيم عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي تي اڌ صديءَ کان ڪم ڪري رهي آه??، اها غيرمنافعو ڏيندڙ تنظيم آه?? جنهن جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ ??ان گڏوگڏ موذي بيمارين کان به بچائڻ ??هي. هن چيو ته اسان جي تنظيم پاران عورتن جي لاءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو آه?? ان سان گڏوگڏ عورتن ۽ ٻارن کي فري آف ڪاسٽ هيلٿ سروسز فراهم ڪرڻ جي لاءِ راولپنڊي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال قائم ڪئي وئي آه??.
ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ مڊوائف جي ڪردار کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados