اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ٿي رهيو آهي ته اڳتي سياست جي آڙ ۾ ڪي?? ملڪ دشمني نه ڪري. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته حڪومت ??هڙ?? بندوبست ڪري رهي آهي ته اڳتي ڪنهن به رياست تي حملو نه ٿي سگهيو، اڳتي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي ڪير بي حرمتي نه ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خان ماڻهن جي ڌيئرن جي گهرن تي حملا ڪرايا، ڌيئرن ک?? والدين جي سامهون گرفتار ڪيو، ماڻهن کي ڀينرن کي گهيليو، ان جي باوجود ڪو عمران خان وانگ?? ملڪ تي حملي آور نه ٿيو. هن چيو ته عمران خان سياست جي لبادي ۾ عوام کي سزا ڏني. نه ملڪي معيشت کي ڇڏيو ۽ نه عوام جو روزگار ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته بندوبست ٿي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳتي ڪا اها ڪوشش ۽ ملڪ دشمني جي جرئت نه ڪري سگهي.
عمران خان جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج