حيدرآباد- 15 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيل صورتحال جو لاڳيتو جائزو وٺي رهيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ??اءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي، ڪوشش آهي ته بجلي جي ف??اه??ي بنا رڪاوٽ برقرا رهي. هو حيدرآباد ۾ حيسڪو پاور ونگ ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو. ان موقعي تي حيسڪو چيف مظفر عباسي ۽ ٻيا به موجود هئا. هن چيو ته تيز طوفان?? هوائن سان ننڍا ننڍا نقصان ٿيا آهن جڏهن ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي سبب بجليءَ جي نظام ۾ ڪوبه وڏو خلل نه آيو، پر آر ايل اين اين جي گيس جي ف??اه??ي متاثر ٿي آهي، هاڻي گيس به وٺي ڇڏي آهي. هن چيو ته جهمپير ۾ 8 پول تيز هوائن سبب ڪِري پيا، انهن تي ڪم جاري ??هي. سجاول، لاڏيون گرڊ اسٽيشن متاثر ٿيو آهي، اڄ تائين اهي به بحال ٿي ويندا، جتي جتي ضرورت پئي اين ٽي ڊي سي ۽ ڊسٽري ??يوشن عملو گُهرايو پيو وڃي. ملتان ۽ فيصل آباد مان 2 هزار ماڻهو پهچي رهيا آهن، حيسڪو به هڪ منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته توانائي واري وزارت قومي جذبي سان ڪم ڪري ??هي آهي، بائپر جواءِ تي قومي تاثر اچي رهيا آهن، سڀئي ان کي مُنهن ڏيڻ ۾ تعاون ڪري ??هيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ??اءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي. هن چيو ته برسات ۽ طوفان سبب بجلي جي معمول جي ف??اه??ي ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جيڪڏهن ٿي رهي آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته حيسڪو جي نقصان تمام گهڻو آهي ان لاءِ ضابطي تحت لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ بجلي جي ف??اه??ي جلد بحال ڪئي ويندي. حيسڪو جي 12 ٽرانسميشن ۽ 90 فيڊرز آهن جن تي طوفان سان اثر پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا آهن جيتوڻيڪ ڪجهه اڻٽر سببن جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بجلي جي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي پاليسيءَ تحت هر صارف کي مساوي ٽيرف ڏنو وڃي ٿو.
سامونڊي طوفان جي صورتحال جو لاڳيتو جائزو وٺي رهيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي: انجنيئر خرم دستگير خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ