اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ري?? اورنگزيب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر پروگرام اڪبر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن اڪبر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪبر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڪبر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ڪنهن سان شفقت ۽ احترام سان ملندڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي اهليت جي اعليٰ معيار جي ڪري سڃاتو ويندو هو، ان ج?? لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردو?? ۾ ??عليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز