اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان سان نگران حڪومت جي خلاف پروپئگنڊه جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ بهتر ماحول جي فروغ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آه??، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه آه??، ڪوشش آه?? ته ملڪ جنهن حالت ۾ مليو ان کان بهتر حالت ۾ اڳ??ين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪري وڃون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زندگي جا سمورا تجربا ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آه??، صحافت جي شعبي سان واڳيل رهڻ سان بطور اطلاعات واري نگران وزير ذميوارين جي ادائيگي ۾ آساني ٿي، مستقبل جي حوالي سان مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪندس. هن چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ٽي وي چينلز تي کليل بحث ٿيڻ گهرجي. قومي براڊ ڪاسٽنگ ميڊيا کي پبلڪ سروس پروائيڊر هجڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ مين اسٽريم ميڊيا ۾ انگريزي جو هڪ ئي ٽي وي چينل آه?? جيڪو پي ٽي وي جو آه??، اسان کي ان جي معيار ۽ پروگرامن جي ڪوالٽي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پي ٽي وي کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، براڊ ڪاسٽنگ سميت اهم مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه تي بحث ٿيڻ گهرجي ته هي ملڪ ڪيئن اڳ??ي وڌندو. نگران وفاقي وزير چيو ته ويزن ڏيڻ سياسي قيادت جو ڪم آه??، ان تي ضرور بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو مينڊيٽ نه آه?? ته وڏن مسئلن تي پنهنجو ويزن ڏيون، اسان محدود اختيار سان محدود مدي جي حڪومت آه??ون. اسان جو حلف آه?? ته اسان سمورين سياسي قوتن کي برابر موقعا ڏيون، ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي جو ڏينهن آه?? ته اليڪشن جو اعلان ٿي ويو آه??، اليڪشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪم تيزي سان جاري آه??، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڇڏيو آيه ته جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن ٿيندي. هن چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن جي اعلان کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي آئي، اها ڳالهه يقيني آه?? ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو ته معاشي استحڪام به ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آه?? ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. اسان پنهنجون تجويزون اڳ??ين حڪومت ڏئي وينداسين. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آه?? ته سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن، اسان سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن ملڪ ۾ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته رياستي ميديا کي ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ميڊيا تي پابنديون نه هجڻ گهرجن پر خبر تي ادارتي ڪنٽرول ضرور هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول پيدا نه ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊون ويجهو آه??، هر هڪ کي سياست ڪرڻي آه??، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي سان زيادتي ٿئي ٿي ته شڪايت ڪرڻ تي ڪا پابندي نه آه??، عوام جي عدالت به کليل آه??، ميڊيا ۽ قانون جون عدالتون به کليل آه??. نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ اسان جي لاءِ لازمي آه??، اسان سياسي حڪومت نه آه??ون، هڪ آئيني حڪومت آه??، اسان جو محدود م??نڊيٽ آه??، آئين جي آرٽيڪل 224 تحت اسان جو وجود آه??، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي نه آه??. هن چيو ته موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آه??، اسان وٽ رياست جا ادارا به موجود آه?? ۽ اهل ڪابينا به. اسان جي ڪوشش هوندي ته ملڪ جنهن حالت ۾ اسان کي مليو آه?? ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون. هن چيو ته جيستائين ملڪ جي معيشت جا بنياد صحيح نه ٿيندا ملڪ ۾ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي.
ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان سان نگران حڪومت جي خلاف پروپئگنڊه جو خاتمو ٿيندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ