اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽ??ندڙ پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح الدين صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اصلاح الدين صديقي نگران وز??را??ظم کي پنهنجي سوانح عمري ”ڊيش ٿرو مائي لائيف“ پيش ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي موجوده صورتحال، ان جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصلاح الدين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي واري مئچ ۾ نگران وز??را??ظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصلاح الدين صديقي رانديگرن جي حوصلا افزائي تي نگران وز??را??ظم کي ساراهيو. نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميدانن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. قومي راند هاڪي ج?? پاڪستان ۾ موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏياري رهنداسين. هن چيو ته اصلاح الدين صديقي جهڙا ليجين?? پاڪستان جا اصل هيرو آهن، حڪومت نوجوانن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت