اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارتي قبضي جي خلاف سڀاڻي جمعي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پا??ستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??يري ڪارو ڏينهن ملهائيندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪش??ير جي تاريخ جو ڪارو ترين باب لکيو ويو ان ڏينهن ڀارتي هٿياربند فوج سمورن عالمي اصول ۽ ضابطن ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪش??ير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پا??ستان، آزاد ڪش??ير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪش??يري ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستاني شهداءِ ڪش??ير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پا??ستاني سفارتخانن ۽ ٻين سفارتي مشنز جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن ۽ ??يم??نارز جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪش??ير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو ويندو. پا??ستان خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪش??يري عوام جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : راکی