اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان يونيسيف جي نامزد ٻارن جي وفد ٻارن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ ملاقا?? ڪئي. ٻارن جو وفد چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن جي نم??ئن??گي ڪري رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ يونيسيف جي پهرين يوٿ ايڊووڪيٽ 16 سالا تقويٰ احمد ڪئي. ٻارن جي وفد مس??قبل جي لاءِ پنهنجي اميدن بابت صدر کي ٻڌايو. ملاقات ۾ وفد ٻارن کي درپيش مختلف مس??لن ۽ چئلينجن تي به روشني وڌي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻارن کي تعليم، هنر ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. خصوصي ٻارن کي باقاعده اسڪولن ۾ جا??ع تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ٻارن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻو پوندو. خصوصي ٻارن کي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان انهن کي روزگار کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻارن صدر کان موسمياتي تبديلين، ڇوڪرين جي تعليم، خصوصي ٻارن ۽ انهن کي درپيش ٻين چئلينجن بابت مختلف سوال پڇيا. ملاقات ۾ ٻارن صدر کي پنهنجي تجربن بابت ٻڌايو. ٻارن زندگي ۾ ??ڌڻ ويجهڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ ٻارن بئنڪنگ سيڪٽر بابت هڪ ڪيس ۾ صدر پاران ڪيل ٻڌڻي ۾ به شرڪ?? ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان يونيسيف جي نامزد ٻارن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena