اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته پنهنجي نمائندن جي چونڊ عوام جو حق آهي، اسان عوام سان گڏبيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو عوام ڪندي، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون ٿي رهيون آهن، چونڊن جي مرحلي تائين پهچندي ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو، پاڪستان جي عوام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي ج??گ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ان جمهوري عمل کان نه ٿو هٽائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي انتظام هيٺ اليڪشن 2024ع جي ڪوريج جي لاءِ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته چونڊن جي حوالي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي خدشا هئا، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. هن ??يو ته گذريل سال منهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ مون کان پهريون سوال ئي چونڊن بابت ڪيو ويو هو، ان وقت به اهو ئي ??يو هو ته هي ملڪ آئيني جمهوريت تحت قائم آهي، آئيني وفاقي پارلياماني نظام اسان جي سياسي نظام جو بنياد آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخي ڏيندي، ان تحت ئي چونڊون ٿينديون. هن ??يو ته جڏهن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ته اسان مستقل مزاجي سان 8 فيبروري 2024ع تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي موقف تي قائم رهياسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته سڀاڻي صبح جو پولنگ شروع ٿيندي ۽ رات ج?? چونڊن جي غيرسرڪاري نتيجن جو اعلان شروع ٿي ويندو جڏهن ته حتمي ۽ سرڪاري نتيجا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جاري ڪندي. نگران وفاقي وزير ??يو ته چونڊن جي مرحلي تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو. نگران وفاقي وزير ??يو ته لاڳاپيل ادارا تصديق ٿ??ل خبرون عوام تائين پهچائيندا. هن ??يو ته سيڪيورٽي جي مسئلن کي پهريون ڀيرو منهن نه ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان جي عوام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي ج??گ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ان جمهوري عمل کان هٽائي نه سگهندو. هن ??يو ته 2008ع ۽ 2013ع ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ خراب هئي، دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ڪنهن طور به اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن ??يو ته ميڊيا ڪوآرڊينيشن ايينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن جتي صحافين جي ضرورتن جو خيال رکيو ويندو. هن ??يو ته ميڊيا عوام جي ڄاڻڻ جي حق جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان هر طرح سان انهن جي مدد ڪندسين. هن ??يو ته چونڊن ۾ هاڻي ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن، عوام جو حق آهي ته اهي پنهنجا نمائندا چونڊين، اسان عوام سان گڏ بيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي.
پنهنجي نمائندن جي چونڊ عوام جو حق آهي، اسان عوام سان گڏبيٺل آهيون: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش