اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کاڌي پيت?? جي شين ۽ روزان?? جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خور?? جي خلاف سخت ڪارروائ?? جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نئين چونڊيل وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ نئين چونڊيل حڪ??مت جو روڊ ميپ واضح ڪيو. وزيراعظم نئين چونڊيل ڪابينا ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ کاڌي پيت?? جي شين ۽ روزان?? جي ٻين شين جي قيمتن جي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃ?? جيڪا صوبائي حڪ??متن سان گڏجي کاڌي پيت?? جي شين ۽ روزان?? جي ٻين شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. هن چيو ته ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرضروري اضافي ۽ ناجائز منافعي خور?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي هڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها پابندي رمضان المبارڪ جي مهيني دو??ان ڪيلي ۽ بصر جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هنئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نيدرلين?? جي شهري محمد اورنگزيب جي پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سفارش تي ميجر جنرل عبدالمعيد هلال امتياز ملٽر?? جي بطور ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس مقرر جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس، کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena