اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي، مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهون ته پاڪستان جي ترقي ۽ ??وش??الي ۽ معاسي استحڪام جو هدف جل?? حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظ??ار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابينا کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي طفيل پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ ??وش??الي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون جو منهنجي تازي دوري کانپوءِ سندس خصوصي دلچسپي تحت سعودي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۽ لا??اپيل عملدارن جي سعودي وفد جي ڪامياب دوري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي وفد پاڪستاني وزيرن ۽ عملدارين جي تياري کان متاثر ٿيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ان جو واضح اظ??ار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي. ان حوالي سان نه ته پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندس. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي عوام سان ڪيل وچن موجب پاڪستان جي ترقي ۽ ??وش??الي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي ۽ ??وش??الي ۽ معاشي استحڪام جو هدف جل?? حاصل ڪري وٺنداسين.
سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش