اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ ??ضا??ي جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ متبادل توانائي، صنعت، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرمني جي اين جي او گلوبل بريجز، برلن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ گلوبل بريجز جو چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز هينس ايلبرت، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نڪولس البرچٽ ۽ جرمني سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻهو ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جرمني جو سفير الفريڊ گرينيس، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وفد پاڪستان جي ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ ۽ موسمياتي تبديلي ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان جرمني کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. و??ير??عظم چيو ته ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ ??ضا??ي جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ صنعت، متبادل توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان مان ڪاربن اخراج جي شرح انتهائي گهٽ هجڻ جي باوجود اسان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهيون، متبادل توانائي، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان جرمني جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي افرادي قوت کي معياري تربي?? فراهم ڪري انهن جي صلاحيت ۾ ??ضا??و ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ٻاهرئين ملڪ به پنهنجو هنر ڏيکاري سگهن. و??ير??عظم ملاقات ۾ وفد سان جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي وفد جا شرڪت ڪندڙ دنگ رهجي ويا ۽ و??ير??عظم جي جرمن زبان تي عبور تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. جرمن وفد جي سربراهه و??ير??عظم جي جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر