اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي ل??ءِ جديد هنر ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ سيڙپڪاري جي ل??ءِ پرعزم آهي، نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي ۽ باوقار روزگ??ر جي ل??ءِ جديد هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت يقيني بڻائينداسين. نوجوانن جي ل??ءِ هنر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا باصلاحيت نوجوان آهن، پاڪستان جي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي ل??ءِ نوجوانن کي جديد هنر سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ترقي يافته قومون پنهنجي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿيون، حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم، هڪ جهڙي ترقي جي موقعن سان گڏوگڏ دنيا سان مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ جديد پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪري رهي آهي. وز??را??ظم چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 3 لک ۽ جديد زراعت جي ل??ءِ هڪ هزار نوجوانن کي پيشيواراڻي تربيت جي ل??ءِ چين موڪلڻ جي ل??ءِ قدم جيڪي سندس تازي چين جي دوري دوران طئي ٿيا، حڪومت جو انهي عزم ج?? ورجاءُ آهي. ان ڏس ۾ نه رڳو عورتون پر پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي خصوصي ترجيح ڏني پئي وڃي. وز??را??ظم چيو ته قومي سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تربيتي پروگرام جاري آهن، جتي اهي فارغ ٿيندڙ لکين پاڪستاني شاگرد ۽ پاڪستان کان ٻاهر پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. نيو ٽيڪ تحت ادارن جي سڌارن جي عمل جي شروعات به ڪئي وئي آهي. نيو ٽيڪ ۽ ان جي حصيدارن سان گڏجي حڪومت هزارين نوجوانن کي مارڪيٽ ايبل هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي. وز??را??ظم چيو ته اسان نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي ۽ باوقار روزگ??ر جي ل??ءِ جديد هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت يقيني بڻائينداسين.
حڪومت نوجوانن جي لاءِ جديد هنر ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea