اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) دو??ت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو آهي ته پاڪستان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي قيادت ۾ هي پروگرام نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ نمايان قدم کڻي رهيو آهي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ جي خوشحال مستقبل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، دو??ت مشترڪه ينگ انٽر ??رينيوئرز ۽ انوويٽرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن ينگ انٽر ??رينيورز ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ گرمجوشي س??ن استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهيان. مون پاڪستاني لباس پاتو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته آئون به پاڪستاني آهيان. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. پاڪستان طرفان دو??ت مشترڪه جي چارٽر ??وجب نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. نوجوانن کي روزگار ۽ ڪاروبار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪوششن ان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 60 سيڪڙو نوجوان 30 سالن کان ننڍي عمر جا آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ 65 سيڪڙو نوجوانن جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي. پاڪستان انهن نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي ۽ هنرمند بڻائي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو ۽ هي نوجوان دنيا جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ پُراميد آهيان ۽ انهن جي ڪاميابي لاءِ هر ممڪن تعاون ۽ حصيداري لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته انهن نوجوانن جو حوصلو ۽ عزم قومي ترقي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته دو??ت مشترڪه انهن نوجوانن جي ملڪي معاشي ??رقي ۾ ڪردار جو اعتراف ڪري ٿي. اهي نوجوان تبديلي جو اهم حصو آهن، ملڪ جو مسقبل انهن جي هٿن ۾ آهي. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ جي خوشحال مستقبل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دو??ت مشترڪه ينگ انٽر ??رينيوئرز ۽ انوويٽرز کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هي ايوارڊ حاصل ڪندڙ مستقبل ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪندا، کين تيزي س??ن بدلجندڙ دنيا جي ڏس ۾ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مصنوعي ذهانت جي اربين ڊالرن جي مارڪيٽ آهي جنهن مان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان تيزي س??ن ترقي ڪندو ۽ دو??ت مشترڪه ان ۾ پاڪستان کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته دو??ت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪريون ٿا. سندس پاڪستان جي دوري س??ن دو??ت مشترڪه سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته دو??ت مشترڪه جي وفد سان ملاقات دوران سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، چئلينجن باوجود ملڪ کي درست رخ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ڊاڪيومينٽري به پيش ڪئي وئي.
پاڪستان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي: دولت مشترڪه جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب