اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) ق??نو??، انصاف ۽ پارلياماني معاملن و??ري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته ايندڙ مهيني (سيپٽمبر) جي آخر تائين پاسپورٽ جي پرنٽنگ جي صلاحيت وڌائي روزانو 55 کان 60 هزار ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ پاسپورٽ ج??ري ڪرڻ ۾ دير جو مسئلو حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران جي پاسپورٽ ج??ري ڪرڻ ۾ دير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته 2004ع ۾ ان وقت جي ضرورتن مطابق مشينري ۽ سافٽ ويئر لڳايا ويا هئا، پر هاڻي پاسپورٽ جي گهرج وڌي روزانو 45 هزار ٿي چڪي آهي، ان کان علاوه مشينن جو تعداد به 20 کان وڌي 92 ٿي ويو آهي ۽ پاسپورٽ جون آفيسون به وڌي ويون آهن، انهن ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مشينري ۽ جديد پرنٽرز امپورٽ ڪرڻ لاءِ ٽينڊرز ج??ري ڪيا ويا آهن، ايندڙ مهيني سيپٽمبر جي آخر تائين هي سسٽم ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. جنهن کان پوءِ روزانو 26 هزار بدران 55 کان 60 هزار پاسپورٽ تيار ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران طرفان اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي پارلياماني معاملن و??ري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت ان معاملي تي فوري ايڪشن ورتو آهي، جيڪڏهن ڪا ڪارروائي نه ڪئي و??ي ها ته پوءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هجي ها. هن چيو ته سيپٽمبر جي آخر تائين اهي ??وز??ر لڳائڻ شروع ٿي ويندا جنهن کان پوءِ پاسپورٽ جي پرنٽنگ جو تعداد به وڌي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مس ۽ ليمينيٽڊ پيپر جا مسئلا هئا، جن کي حل ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.
ايندڙ مهيني جي آخر تائين پاسپورٽ جي پرنٽنگ جي صلاحيت وڌي 55 کان 60 هزار روزانو ٿي ويندي: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria