اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف رات دير تائين پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري ق??م کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز شريف ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. و??ير??عظم ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري ق??م کي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم چيو ته الله تعال??ٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر س??ي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آهن، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته ارشد نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ الله رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان کان اڳ و??ير??عظم ارشد نديم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پوري ق??م کي ارشد نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ارشد نديم پوري پاڪستاني ق??م کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17
وزيراعظم پاران پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا