منسڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفي لا??اپن کي مستحڪم بڻ??ئڻ ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جن??ن ۾ ٻطرفن لا??اپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اسپيڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان بيلاروس سان لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لا??اپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ لا??اپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چ??و ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ لا??اپن کي مستحڪم بڻ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسپيڪر پاڪستان جي پارلياماني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي بيلاروس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بيلاروس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد جو بيلاروس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي پارلياماني وفد جو تازو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻ??ئڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چ??و ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لا??اپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي اسپيڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بيلاروس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بيلاروس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر