اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته موسمياتي تبديلي عالمي مسئل?? آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان مسئلي کي منهن ڏيڻ?? آهي، پاڪستان ان معاملي تي تمام گهڻ?? سنجيدگي ڏيکاري آهي، زهريلا گئس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر نقصانن جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، حڪومت وڻڪاري، ڪلين گرين انرجي، موسمياتي تبديلي بابت آگاهي جي حوالي س??ن مختلف قدم کنيا آهن. ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي نمائندن ۽ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان زهريلا گئس خارج ڪرڻ جو ذميوار نه آهي ۽ زهريلي گئسن جي عالمي س??ح تي خارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو ٻه سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ان جي باوجود پاڪستان جو ڳاڻيٽو موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿي رهي?? آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جو وڏو ڪِيتو ڀوڳي ٿو. هن چيو ته بطور هڪ ذميوار ملڪ جي پاڪستان موسمياتي تبديلين جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وڻڪاري مهم، گرين انرجي، موسمياتي تبديلي بابت آگاهي جي حوالي س??ن حڪومت مختلف قدم کنيا آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ تي پورو ڌيان ڏن?? آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ سدائين موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي خصوصي ڌيان ڏن?? آهي، انهن ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دو??و ڪرايو ويو، ان جو مقصد اهو ئي هو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ سميت موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا کي آگاهه ڪيو وي?? آهي ته ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ اسان جو حصو تمام ٿور?? آهي پر نقصان سڀ کان وڌيڪ برداشت ڪي?? آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي عالمي مسئل?? آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻ?? آهي ۽ پاڪستان ان معاملي تي تمام گهڻ?? سنجيدگي ڏيکاري آهي. وفاقي وزير زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر شخص کي ذميواري جو مظاه??و ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلي جي حوالي س??ن عالمي حصيدارن جي تعاون جي س??ت ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي س??ن ملڪ کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان رومينه خورشيد عالم سٺي ڪوآرڊينيشن ڪئي آهي ۽ ان ڪوآرڊينيشن جي نتيجي ۾ نه رڳو هن ان مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪي?? آهي پر دنيا کي آگاهه ڪي?? آهي ته موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان پوري انسانيت متاثر ٿئي ٿي ۽ ترقي يافته ملڪن، غيرملڪي اين جي اوز ۽ عالمي ادارن جي تعاون سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻ?? آهي ته جيئن موسمياتي تبديلي جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي.
موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena