اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??نگ??ليا کي واپار، سيڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ??نگ??ليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ??نگ??ليا جي وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن ??نگ??ليا جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ??نگ??ليا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي تربيتي ادارن ۾ تربيت جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان ??نگ??ليا دوستي جو سال قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. ??نگ??ليا جي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ??ي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگ??ه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي ??نگ??ليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.
پاڪستان ۽ منگوليا کي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números quina hoje