اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم 26 آڪٽوبر تي ايران تي اسرائيل جي حملي جي شدي?? مذمت ڪندي ايرا?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايرا?? جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايرا?? جي پرڏيهي وزير جي طور تي پاڪستا?? جي پهرين سرڪاري دوري تي ايندڙ عراقچي جي آجيان ڪندي وزيراعظم ايرا?? جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ صدر مسعود پيز شڪيا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستا?? جي ايران سان ڀا??راڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خطي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ آزاد رياست حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستا?? جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي جاري نسل ڪشيءَ مهم جي شدي?? مذمت ڪئي ۽ ان حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم غزه م فوري جنگبندي جي ضرورت، بنا روڪ انساني امداد جي فراهمي ۽ سڀ کان وڌيڪ فلسطيني عوام کي خودمختياري جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جنه?? جي انهن کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قرارداد?? جي ضمانت ڏني وئي آهي، جي فراهمي تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم 26 آڪٽوبر 2024ع تي ايران تي اسرائيل جي حملي جي شدي?? مذمت ڪندي ايرا?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ايرا?? جي پرڏيهي وزير پاڪستا?? جي اصولي موقف تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس خطي جي صورتحال جي حوالي سان ايرا?? جي موقف کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران 26 آڪٽوبر تي ايران تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت، ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج