اسلام ??با?? – 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ هائيڊرو پاور جي مجموعي صلاحيت 59 هز??ر 796 ميگاواٽ آ??ي جڏهن ته فني ۽ معاشي طور تي مناسب صلاحيت 41 هز??ر 45 ميگاواٽ آ??ي. انجنيئر حسين احمد صديقي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ آبي وسيلن مان توانائي پيدا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيتن باوجود آهي ان مان پن بجلي جي پيداوار 10 هز??ر 635 ميگاواٽ آ??ي جيڪا نيشنل گرڊ سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پن بجلي جي مجموعي پيداوار ۾ 9 هز??ر 389 ميگاواٽ بجلي ميگاواٽ بجلي پبلڪ سيڪٽر ۾ واپڊا ذريعي پيدا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 1246 ميگاواٽ بجلي آءِ پي پيز پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي مجموعي پيداواري صلاحيت 43 هز??ر 835 ميگاواٽ آ??ي جنهن ۾ آبي وسيلن مان پيدا ٿيل بجلي جي شرح 24 سيڪڙو جي ويجهو آهي. هن چيو ته آبي وسيلن مان توانائي حاصل ڪرڻ جي صلاحيتن مان فائدي ذريعي پاڪستان ۾ بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
پاڪستان ۾ هائيڊرو پاور جي مجموعي صلاحيت 59 هزار 796 ميگاواٽ آهي: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino