اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ع??لم?? بئنڪ طرفان پاڪستان جي لڳاتار معاونت کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسي??ن جي اثرائتي استعمال ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ ع??لم?? بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جي اڳواڻيءَ ۾ ع??لم?? بئنڪ جي ٽيم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۽ ترقي??تي ايجنڊا جي حمايت لاءِ ع??لم?? بئنڪ جي سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن مختلف شعبن ۾ ع??لم?? بئنڪ جي مالي ۽ فني معاونت کي ساراهيندي حڪومت طرفان مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسي??ن جي اثرائتي استعمال جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهين ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ واڌ، ٽيڪس جي تعميل ۾ بهتري ۽ منصفاڻي ٽيڪس نظام جي حوالي سان مضبوط، فعال ۽ شفاف ٽيڪس پاليسي فريم ورڪ جي قيام جي ڌيان ڏنو ويو. ع??لم?? بئنڪ جي ٽيم بجيٽ سازيءَ جي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِ فني معاونت جي آڇ ڪئي جنهن ۾ جديد طريقا اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن عوامي مالي??تي انتظام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏئي سگهجي. ڳالهين ۾ قرضن جي اثرائتي انتظام۽ بندوبست جي انتظامي نظام جي قيام تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن مالي پائيداريءَ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ زرعي آمدني جي ٽيڪس نظام، جي ايس ٽي جي حوالي سان صوبن سان هم آهنگي ۽ قومي ٽيڪس ڪائونسل جي فعال ڪردار تي به خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ع??لم?? بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر حڪومت طرفان مختلف شعبن ۾ سڌارن جي حوالي سان قدمن جي تعريف ڪئي ۽ اجلاس ۾ بحث هيٺ اهم شعبن ۾ ع??لم?? بئنڪ جي لڳاتار حمايت جي خاطري ڪرائي. هن اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ترقي??تي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ع??لم?? بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير ع??لم?? بئنڪ جي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو، جٽادار اقتصادي ترقيءَ لاءِ سڌارن تي عملدرآمد جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
حڪومت مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال لاءِ پُرعزم آهي: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر