اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان س??ن گڏ ايٿوپيا ۾ منعقد ٿيندڙ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن جي تياري ڪري رهي آهي، نمائش جو مقصد پاڪستاني واپارين کي ايٿوپيا جي اهم منصوبن ??ان جوڙڻ ۽ آفريقا جي 1.4 ارب ماڻهن جي وسيع مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. واپار واري وزارت جي جاري پڌرائيءَ مطابق اهڙو اظهار هن ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ايٿوپيا ۽ وسيع تر آفريقي مارڪيٽ سان واپاري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير مئي 2025ع ۾ عدي?? ابابا ۾ ٿيندڙ سنگل ڪنٽري نمائش جي انتظامن ۽ ايٿوپيا جي حڪومت طرفان سهڪار فراهم ڪرڻ تي سفير جو شڪريو به ادا ڪيو. واپار واري وزير چيو ته نمائش کان اڳ سڄي ملڪ ۾ سيمينارز جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي دعوت ڏني ويندي. سفير چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان وچ ۾ هفتي ۾ چار ا??ڏا??ون هلي رهيون آهن. هن چيو ته جلد ئي لاهور ۽ اسلام آباد کان به سِڌيءَ ريت ا??ڏا??ون شروع ڪيون وينديون. ٻنهي ڌُرين ان اميد جو اظهار ڪيو ته عدي?? ابابا ۾ سنگل ڪنٽري نمائش نه صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي مضبوط ڪندي پر پاڪستاني واپارين لاءِ وسيع تر آفريقي مارڪيٽ سان ڳنڍجڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور به ڪم ڪندي.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ايٿوپيا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس