اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي نمائندگي ڪندي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات صديق الفاروق جي گهر ويو ۽ وزيراعظم پاران صديق الفاروق جي عيادت ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم م??مد شهباز شريف پاران صديق الفاروق کي گلدستو پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم کي توهان جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ توهان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ توهان کي جلد مڪمل صحت سان نوازي ۽ توهان اڳ وانگر مسلم ليگ (ن) جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪريو. سينيٽر عرفان صديقي صديق الفاروق جي گهرواريءَ ۽ ڌيءَ کي چيو ته اهي صديق الفاروق جي صحت جي حوالي سان آگاهه رکن ۽ ڪنهن به خدمت جي ضرورت هجي ته رابطو ڪن. صديق الفار??ق وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن ۽ صحت جي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيندي چيو ته منهنجي پاران وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي مبارڪ پيش ڪريو ته هن انتهائي مشڪل حالتن ۾ قوم جي ٻيڙي کي سنڀاليو آهي ۽ اڻٿڪ محنت جي ??ري??ي پاڪستان جي معيشت کي بهتري جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. هن سينيٽر عرفان صديقي جي اچ?? تي پڻ ٿورا مڃيا.
سينيٽر عرفان صديقي پاران صديق الفاروق جي عيادت
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria