لنڊن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) شهزاده هيري کي مب??نه طور تي چيو ويو آهي، ته جيڪڏهن هو شاهي رهائشگاهه ۾ رهڻ چاهي ته کيس بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻو پوندو. ميڊيا ??پورٽن مطابق 39 ورهين جي هيري هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ خيراتي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو ته کيس ونڊ سر محل ۾ ترسڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. شهزاده هيري کي 7 سيپٽمبر تي اولهه لنڊن جي علائقي چيلسي ۾ ٿيل ساليانو ويل چائلڊ ايوارڊز ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جيڪا هن سال ملڪه الزبٿ جي وفات جي ورسي جي شام جو منعقد ٿيڻي هئي. دي ٽيليگراف جي رپورٽ مطابق جڏهن اهو واضح ٿي ويو ته هيري ۽ چارلس جيڪي ان وقت بالمورل محل ۾ هئا ان دوري تي ملاقات نه ڪري سگهيا ??ه شهزادي پڇيو ته ڇا هو ونڊ سر محل ۾ رهي سگهن ٿا. هن ونڊ سر ۾ سينٽ جارج چيپل ۾ پن??نجي مرحوم ڏاڏي جي قبر تي وڃڻ جي اجازت به گهري جتي هو 8 سيپٽمبر تي ويو هو. جڏهن ته شاهي محل مب??نه طور تي هيري جي آخري وقت ۾ ترسڻ جي درخواست منظور ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي هئي.
شهزاده هيري کي شاهي رهائشگاهه ۾ ترسڻ لاءِ بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا