غزه -07 نومبر (ا?? پي پي) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسامه بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قب??ل نه ڪنداسين. هن پ??يس ڪانفر??س ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تعين ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو سوچي رهيا آهن ته حماس ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني طاقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، حماس ئي غزه ۾ رهند??. ه?? چيو ته حماس فلسطيني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زميني طاقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگه??. ه?? چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمريڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرا??س ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئ??. ه?? چيو ته اسان جا ماڻهو آمريڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اسان جا ماڻهو اهڙي حڪومت غزه ۾ ڪڏهن به قب??ل نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز