ٽوڪيو-03 جنوري (اي پي پي) جاپان جي ٽرانسپورٽ اختيارين هانيڊا هوائي اڏي تي جاپان ڪوسٽ گارڊ جي ج??از ۽ جاپان ايئر لائنز جي مسافر جهاز سان ٽڪرائجڻ جي جاچ شروع ڪئي آهي ج??هن جي ڪري 226 اڏامون ملتوي ٿيون ۽ 40 هزار کان به وڌيڪ مسافر متاثر ٿيا شنهوا موجب جاپان ٽرانسپورٽ سيفٽي بورڊ ، هوائي ج??ازن ،ٽرينن ۽ بحري ج??ازن جي حادثن جي جاچ لاءِحڪومت سان جوڙيل ايجنسي ڏينهن جي وقت جهاز جي ملبي ج?? معائنو ڪيو جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو حفاظتي بورڊ اطلاع ڏني ته ڪوسٽ گارڊ جي ج??از جي اڏام ۽ وائس ريڪارڊرز کي ريڪور ڪيو آهي ۽ هو اڃان به جي اي ايل جهاز جي ڳولا ڪر?? رهيا آهيون اين ايڇ اي جاپان جي وزارت ٽرانسپورٽ جي ذريعن جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو ته هانيڊاايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر حادثي کان اڳ مسافر جهاز کي رن وي تي لهڻ جي اجازت ڏني ۽ ڪوسٽ گارڊ جي ج??از کي رن وي کان پر?? رهڻ جو حڪم ڏنو هيو . گذريل ڏينهن ٽي رن وي ٻيهر کلڻ کان پوءِ به 100 اڏامون جي ملتوي هجڻ جو امڪان آهي ج??هن سان 19 هزارمسافر متاثر ٿيندا .
جاپان ايئرلائنز جي مسافر جهاز جي ٽڪرائجڻ جي تحقيقات شروع ، وڌيڪ 100 اڏامون ملتوي ٿيڻ جو خدشو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت