بيجنگ-18 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ??ريفنگ دوران چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل کان ڪم وٺنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان ??چنديون. جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان ??ورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان ??چنديون. ترجمان چيو ته چين هميشه ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل قومن جي چ??رٽر ۽ عالمي قانونن جي مقصدن ۽ اصولن جي بنيادن تي پرکڻ گهرجي ۽ اسان ??مجهون ٿا ته سمورين ڌُرين کي ٻين ملڪن کي آزادي، خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده صورتحال تي تمام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ترجمان چيو ته ايران ۽ پاڪستان ويجها پاڙيسري ملڪ ۽ اثر رسوخ رکندڙ ملڪ آهن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: چين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری