رياض -7 آڪٽوبر (اي پي پي) رياض ۾ 10 ڏينهن انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ 28 ملين ريالن کان وڌيڪ جا ڪتاب وڪرو ٿيا آهن. پرڏيهي نيوز مطابق ڪنگ سعودي يونيورسٽي ڪيمپس ۾ ايونٽ جي انتظاميه لٽ??يچر پبلشنگ اينڊ ٽرانسليشن ڪميشن جي سي اي او ڊاڪٽر محمد عل??ان چيو ته 26 سيٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين جاري بڪ فيئر ۾ ڪتابن جي مداحن ۽ هر عمر جي 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي . بڪ فيئر ۾ 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 2 هزار کان وڌيڪ سعودي عرب ۽ عالمي پبلشنگ هائوسز ۽ ادارن شرڪت ڪئي. بڪ فيئر ۾ 800 پويلين قائم ڪيا ويا. ڪيمل ايئر جي حوالي سان خصوصي پويلين قائم ڪيا ويا هئا جتي عرب ثقافت تي ٻڌل ڪتاب ۽ اٺن جي حوالي سان تصويرون رکيون ويون هيون. ڪنگ عبد العزيز لائبريري جي پويلين ۾ مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿيل لٽ??يچر مداحن لاءِ فراهم ڪيا ويا جن ۾ عرب تهذيب ۽ ثقافت تي ٻڌل ڪتاب شامل آهن. ٻارن جي دلچسپي لاءِ مختلف نوعيت جي ڪهاڻين ۽ تصويرن تي ٻڌل ڪتاب موجود هئا . هلندڙ سال ر??اض انٽرنيشنل بڪ فيئر جي سڀ کان منفرد شيءِ مصنوعي ذهانت وارا روبوٽ رهيا جيڪي مختلف زبانن ۾ اتي ??ين??ڙن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. واضع رهي ته رياض بڪ فيئر هڪ ثقافتي پليٽ فارم آهي جيڪو مقامي ۽ عالمي ادب اشاعت ۽ ترجمي ??ند??ن جي عل??ي ڪوششن کي هڪ ڇت هيٺ گڏ ڪري ٿو.
رياض انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ 28 ملين ريال جا ڪتاب وڪرو، روبوٽ مختلف زبانن ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪندا رهيا
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria