نيويارڪ – 3 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن جي تحفظ واري اداري (??ون??سيف) زور ڀريو آهي ته پناهگير ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي تحظ فراهم ڪيو وڃي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ??ون??سيف گذريل ڏينهن چيو ته نئين سال جي موقعي تي سسلي جي ٻيٽ لامپاڊوسا ۾ پ??ش آيل حادثي ۾ زنده بچي ويل ماڻهن ۾ 8 سالن جي ٻارڙي به شامل آهي جنهن جي والده لاپتا ماڻهن ۾ شامل آهي . ??ون??سيف مطابق گذريل مهيني لامپاڊوسا ويجهو ??من?? ۾ ترندڙ هڪ 11 سالن جي ڇوڪري کي بچايو ويو هو . جنهن بابت خيال آهي ته اها تيونس جي شهر صفاقس کان رواني ٿيل پناهگير ٻيڙي مان زنده بچي ويل ٻارڙي هئي . ان ٻيڙي ۾ اٽڪل 45 ماڻهو سوار هئا . انٽر نيشنل آرگنائزيشن آف مائيگريشن جي انگن اکرن مطابق 2024ع ۾ مختلف حادثن ۾ 2275 پناهگير لاپتا ٿيا جنهن بعد 2014 ع کان هن وقت تائين انهن لاپتا ماڻهن جو مجموعي انگ 31180 ٿي ويو آهي . ??ون??سيف حڪومتن تي زور ڀريو آهي ته اهي پناهگيرن بابت عالمي قانون تحت پنهنجين ذميوارين جو احترام ڪن ۽ خاص طورتي ٻارن جي تحفظ کي ترجيح ڏين.
پناهگير ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil