اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 70 هين آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سينيٽ چي??رم??ن ميا?? رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يادگار جمهوريت تي گل چاڙهيا، ان موقعي تي سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز ملڪ کانسواءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. سينيٽ چي??رم??ن ميا?? رضا رباني چيو ته آئين جي تحفظ ۽ پاسداري لاءِ قوم کي متحد ٿيڻو پوندو، پارليامينٽ عوامي امنگن جي ت??جم??ن آهي ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار آهي. 70 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ يادگار جمهوريت تي گل چاڙهڻ کانپوءِ سينيٽ چي??رم??ن صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores