ڊيووس – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين بل گيٽس عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ڊيووس ۾ ملاقات ڪئي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اور??گز??ب، وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ خاص طور ??ي پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ مدد کي ساراهيندي ٿورا م??يا. ملاقات ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ حصيداري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II