اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي جي لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان عمل ذريعي سڄي ملڪ ۾ پگهاردار ۽ وچين طبقي جي گهرن جي تعمير جي حوالي سان وسيلن ۽ گهرن جي طلب بابت معلومات حاصل ٿي سگهندي جنهن کانپوءِ ا??ي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. اسلام آباد ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊولم??نٽ اٿارٽي تحت آن لائين رجسٽريشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مختلف سببن جي بنياد تي اسان جي بئنڪنگ جو نظام گهر ٺاهڻ جي لاءِ فنانسنگ نه ڪري رهيو هو، ان صورتحال ۾ رڳو اهي ئي ??اڻ??و ٺاهي سگهندا هئا جن وٽ روڪ رقم موجود هوندي هئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل