اسلام آباد – 10 نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مديني جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ کان آگاهي ملي ۽ اهي ڏسي سگهن، حضور صه نوجوانن کي سکڻ جو ??ڪم ڏنو هو، اسان جي تعليمي ادارن ۾ اسلام جي تاريخ بابت نه ٿو ٻڌايو وڃي ان لاءِ نوجوان نسل کي پنهنجي عظيم رول ماڊلز بابت ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن اسان کي عظيم بڻجڻو آهي ته نبي صه جي زندگي کي رول ماڊل بڻائڻو پون??و. ??زيراعظم عمران خان ”مديني جي رياست ۽ اسلام جو ??صور، نبوي صه جي تعليم جي روشني ۾“ جي موضوع تي انٽرنيشنل رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي گهڻي زندگي ٻاهرئين ملڪ گذري آهي ۽ آئون پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ عوام کي ڄاڻان ٿو جڏهن مون زندگي جو ??فر شروع ڪيو ته مون کي سمجهه نه هئي، آئون رڳو والد صاحب جي چوڻ تي جمعي ۽ عيد جي نماز پڙهندو هئس، ان کانسواءِ منهنجو ڪو ايمان نه هو.
مديني جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته نوجوان نسل کي تاريخ کان آگاهي ملي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر