اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ ??نظ??عام تي آندي وئي آهي، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻو آهي، ان جي لاءِ ڪم شروع ??يو ويو آهي، ماضي ۾ روايت رهي آهي ته ڪميشن ٺهنديون رهيون پر رپورٽ سامهون نه ايندي هئي. هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪ پٺتي ويندو رهيو، تحريڪ انصاف احتساب جو نعرو هنيو ۽ ان تي پورو لهندي، اسان حڪو??ت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ??يو ته احتساب س??ني جو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان کنڊ جي معاملي تي پاڻ ڪميشن ٺاهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل