اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ و??ٽ جي تقدس جي بحالي چاهي ٿو، پراڻي خريد ۽ وڪري جي روايت کي پاڙ کان پٽڻو آهي، اهڙا ميمبر پارليامينٽ ?? اچڻ گهرجن جيڪي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن، سينيٽ اليڪشن ۽ سياست ۾ خريد ۽ وڪري جي خلاف وزيراعظم ۽ حڪومت جبل وانگر بيٺل آهن، عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهايئندي چئي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ۽ عوام کي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اهڙا ماڻهو پارليامينٽ ?? اچن جيڪي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهن نه ??ي اهي هڪ خاص مقصد لاءِ ??ارليامينٽ ?? اچن ۽ پنهنجو خرچ ڪيل پئسو وصول ڪري وڌيڪ پئسو ٺاهين. هن چي?? ته سچ سدائين غالب ايندو آهي، فيصلو انشاءُ الله حق تي ايندو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ڪارڪن حق ۽ سچ سان گڏ تاريخ جي ساڄي طرف بيٺل آهن جڏهن ته جيڪي تاريڪ قوتن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، اهي تاريخ جي کاٻي طرف بيٺل آهن ۽ تاريخ انهن کان جواب گهرندي، هن چي?? ته عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان جي خواهش آهي ته هر سطح تي چونڊن ۾ شفافيت اچي ڇاڪاڻ جو اسان جي ملڪ ۾ جڏهن به چونڊون ٿيون انهن تي اعتراض ٿيا.
وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ووٽ جي تقدس جي بحالي چاهي ٿو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری