اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪ??مت ڍانچاجاتي سڌارن ??ي عمل ڪري رهي آهي، سڌارن ??حت ڪچي مال تي 100 ارب روپين جون رعايتون ڏنيون ويون آهن، ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي بنياد تي هموار ڪيو ويو، اسمگلنگ جو خاتمو ڪيو ويو، سماجي تحفظ جي دائري ڪار ۾ توسيع ڪئي وئي، صحت انصاف ڪارڊ هاڻي پنجاب ۾ به ڏنو پيو وڃي، حڪ??مت روانگي واپار ٻڌل واڌاري تي عمل ڪري رهي آه??، اسان جون صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن، انگريزي ڳالهائڻ سان ڪرپشن جا داغ صاف نه ٿيندا، موجوده حڪ??مت 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آئي آه??، اسان جي شهرت 10 سيڪ??و ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه پر ڪارڪردگي تي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بجيٽ تقرير ۾ اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي حماد اظهر چيو ته موجوده حڪ??مت 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آئي آه??، اسان جي شهرت 10 سيڪ??و ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه آهي، هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ تان شيرين مزاري جي باري ۾ جيڪي ريمارڪس آيا اهي رڪارڊ جو حصو آهن ۽ ان تي معافي نه گهري وئي. مسلم ليگ (ن) جي هڪ ميمبر چيو ته گاري ڏيڻ پنجاب جو ڪلچر آهي، جيڪو به اهڙو ڳالهائي رهيو آهي اهو پنجاب جي تاريخ کي مسخ ڪري رهيو آهي. حماد اظهر چيو ته پيپلزپارٽي جي پنج سالن ج دور ۾ هڪ سال به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ حڪ??مت چار سيڪڙو جي ترقي حاصل ڪري چڪي هجي، مهانگائي جي شرح هن وقت ساڍا 8 سيڪڙو آهي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ پهرئين سال 21 سيڪڙو، ٻيو سال11.7 سيڪڙو، ٽئين سال 13.7 سيڪ??و ۽ چوٿين سال ۾ 11 سيڪڙو ٿي وئي هئي
حڪومت ڍانچاجاتي سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي: حماد اظهر
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔