اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد م??لا??النبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنه??جي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد م??لا??النبي ﷺ جي حوالي سان پنه??جي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پنه??جي حبيب حضرت محمد ﷺ کي رحمت اللعالمين جو خصوصي خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جا سڀ ??ان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ ??ان وڏي خاصيت اها هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته منه??جي خواهش آهي ته عيد م??لا??انبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ سال ربيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جي??و اسان جي قومي تاريخ جو سڀ ??ان شاندار جشن هجي ته جي??ن واضح ٿئي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد م??لا??النبي ﷺ جو اهڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پنه??جي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد م??لا??النبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ان ??ان اڳ اهڙي طرح جو عيد م??لا??النبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی