ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين 49 ورهين ??ي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عامر لياقت حسين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چو?? آهي ته عامر لياقت کي ج??هن اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ عامر لياقت جي ڊرائيور جو چو?? آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ??ه هو بيهوشي جي حالت ۾ بستري تي پ??و هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، عامر لياقت جي ملازم جاويد جو چو?? آهي ته گذريل رات عامر لياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏ??و هو ۽ پوءِ صبح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آواز به آ??و هو. ڊاڪٽر عامر لياقت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عامر لياقت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين ??حقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آهي. پوليس جو چو?? آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ معام??و ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.
قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن