سکر – 12 – آگسٽ (اي پي پي) خيرپور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس گرائونڊ خيرپور ۾ صبح 8 وڳي ٿيندي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ اسڪائوٽس جا دستا قومي جهنڊي کي سلام پيش ڪندا، ان دوران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليس، رينج??ز، اي ڊي سي ون، اسسٽنٽ ڪمشن??ز، ريڊيو پاڪستان، ميونسپل ڪميٽي، روٽري ڪلب، تعليم، صحت، روينيو، اسڪائوٽس، سماجي تنظيمن ۽ ٻيلي کاتي سميت ٻين کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي سي خيرپور آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ مريضن کي گلدستا، مـٺائي ۽ فروٽ ورهائڻ ?? سينٽرل جيل ۾ قيدين جي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي جڏهن ته سڄي شهر ۾ صفائي کي بهتر بڻايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر