اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پ??ڻي لهي چڪو آهي، انڊس هاءِ وي اين – 55 جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ وارو پ??ڻي بيٺل آهي باقي سمور?? وڏا رستا ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا ??هن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم کي متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي، خاص طور تي بجلي، پيٽرول ۽ مواصلات جي نظام جي بحالي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس هدايت موجب وزارت جا سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود ??هن ۽ ٻوڏ جي ڪري بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ تعطل کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيا ??هن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 07 کانسواءِ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پ??ڻي لهي چڪو آهي. انهن فيڊرز ۾ 04 پنجاب، 22 خيبرپختونخواهه، 90 سنڌ ۽ 20 بلوچستان ۾ ??هن. اين ايڇ اي جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي اين – 55 جا ڪجهه علائقا جتي اڃا تائين ٻوڏ وارو پ??ڻي بيٺل آهي کانسواءِ سمور?? وڏا رستا جن ۾ اين – 5 جي ٽي روڊ ۽ اين – 65 سکر کان ڪوئيٽا روڊ شامل ??هن ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا ??هن. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي جون ٽيمون فيلڊ ۾ موجود ??هن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري رستن تي پيل گهاري ڀرڻ جو ڪم وڏي تيزي سان جاري رکيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ جي سمورين 51733 موبائيل ڪميونيڪشن سائيٽس مان رڳو 648 سائيٽس ٻوڏ واري پاڻي جي بيهڻ جي ڪري هيستائين بحال ناهن ٿي سگهيون، جيڪي انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي وينديون. وزيراعظم ريليف ۽ ريسڪيو ۾ سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ هم وطنن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری