اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي مدد سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيل ماڻهن ۽ آبادي?? لاءِ هنگامي انساني امداد جي فضائي ترسيل جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان امداد ۾ زندگي گذارڻ لاءِ ضروري وسيلن سميت خوراڪ جي تياري ۽ مٿو لڪائڻ لاءِ 20 لک ڊالر ماليت جو سامان شامل آهي ۽ ان ج?? ترسيل جو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ جي 20 مختلف علائقن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، واضح رهي ته 2 سيپٽمبر تي يو ايس ايڊ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽرمينيجمينٽ ريسپانس ٽيم (ڊي اي آر ٽي) جوڙي هئي جنهن ج?? مقصد آمريڪي حڪومت طرفان ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فراهم ڪيل مدد جي رهمنائي هو، جنه?? لاءِ آمريڪي فوج به تعاون ڪري رهي آهي، ياد رهي ته هنگامي انساني امداد جي فضائي ترسيلات سميت آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثر?? لاءِ فراهم ڪيل مجموعي امداد ٽي ڪروڙ 10 لک ڊالر آهي، آمريڪا کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ نقصانن تي ڏک آهي، اسان ج?? امدادي عطين ۾ هنگامي بنيادن تي گهربل خوراڪ، کاڌي جون شيون، مختلف مقصد?? لاءِ گهربل روڪ رقم، پيئڻ جو صاف پاڻي، بهتر صفائي ۽ سٿرائي جي سامان ۽ مٿو لڪائڻ جي شين کي ترجيح ڏني پئي وڃي، اها امداد انساني زندگيون بچائڻ ۽ سڀ کان وڌ??ڪ ڪمزور متاثر آبادين ج?? مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي، آمريڪا مقامي حصيدارن ۽ پاڪستاني عملدارن سان گڏجي بحران ج?? نگراني جاري رکندو، پاڪستان ج?? عوام لاءِ آمريڪي حمايت اڻٽر آهي، ٻوڏ متاثر?? لاءِ هنگامي امداد ۽ رسد پاڪستا?? لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري امريڪي امداد جو تسلسل آهي جنهن ۾ قدرتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن ج?? اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي تياري ۾ مدد لاءِ ترتيب ڏنل پروگرام به شامل آهن، جنهن ۾ مقامي آبادين ۽ سرڪاري اهلڪارن کي امڪاني آفتن بابت شروعاتي آگاهي ۽ منه?? لاءِ صلاحيتن ۾ اضافي سان گڏوگڏ خوراڪ، معاشي تحفظ جي بهتري لاءِ روزگار جي وسيلن ج?? بحالي شامل آهي، هلندڙ سال ٻوڏ کان اڳ فراهم ڪيل 30 لک ڊالرن ج?? مدد به انهي سلسلي جو حصو آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ آمريڪا جي مدد سان نوان تعمير ٿيندڙ اسڪول تازو تباهي سبب متاثر برادري?? لاءِ پناهگاهن طور مددگار بڻجي رهيا آهن.
آمريڪي فوج پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي امداد جي فضائي ترسيل جو آغاز ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج