اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊالر جي قرض جي معاهدي تي ص??يحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ترقياتي حصيدارن خاص طور تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم بريس پروگرام تحت پ??ڪس??ان جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ سپورٽ جي منظوري تي بئنڪ جي بورڊ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر ماساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي تازي موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پ??ڪس??ان حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پو??ٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پ??ڪس??اني معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مستقل بحالي تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جو قرض پ??ڪس??ان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ گذريل جمعي تي رقم جي منظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پ??ڪس??ان جي معيشت کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي امڪانن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي بي يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي بي ۽ پ??ڪس??ان حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي معاهدي تي ص??يحون ڪيون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي تي ص??يحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو 1.5 بلين ڊالر جو قرض پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز