اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر م??نيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران شام جي زل??لي متاثرين ج?? لاءِ امدادي کيپ خصوصي جهاز ذريعي دمشق رواني ڪئي وئي آهي. امدادي سا??ان ۾ خيما ۽ ڪمبل شامل آهن. امدادي اڏام اربع ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دمشق لاءِ رواني ٿي. وفاقي وزير راڻا تنوير، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ شام جو سفير به ايئرپورٽ تي موجود هو. زل??لي سان شامي متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن ج?? لاءِ وڌيڪ امدادي سامان ج??د موڪليو ويندو. پاڪستان پاران مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شام کي هر ممڪن تعاون ج?? خاطري ڪرائي وئي آهي. امدادي سا??ان شام ۾ مقرر پاڪستان ج?? سفير شاهد علي وصول ڪندو. ان کانسواءِ وڌيڪ امدادي سا??ان رستي وسيلي شام ۽ ترڪيءَ جي لاءِ جلد روانو ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن